ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس

ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس: 1924ع ۾ سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ ۽ تعليمي مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ”آل سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي، جنھن جي صدارت سر ابراھيم رحمت الله بمبئيءَ واري ڪئي. ھن ڪانفرنس ڪوٺائڻ پويان نور محمد شيخ وڪيل جون وڏيون ڪوششون ھيون، ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جو بزم مشاعره وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو ھو ۽ سنڌ اندر شاعريءَ جو شوق وڌي رھيو ھو. ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام رسول فقير جا، نور محمد شيخ وڪيل سان گھرا لاڳاپا ھئا، تنھنڪري وقت جي کوٽ جي باوجود به ڪانفرنس ۾ شام واري نشست مشاعري ۾ شرڪت ڪئي. ان نشست کي ”ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس“ جو نالو ڏنو ويو. بزم مشاعره جي بانين ٿوري وقت ھئڻ جي باوجود به وڏي محنت ڪئي. ھن ادبي ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن مرزا قليچ بيگ ۽ جنرل سيڪريٽري حاجي محمود خادم ھئا، جڏھن ته صدارت مير ايوب ڪراچيءَ واري ڪئي ھئي. ھيءَ ڪانفرنس ھوم اسٽيڊ ھال ۾ٿي، جنھن ۾ اردو ۽ سنڌي ٻولين جي ڪيترن ئي ناليوارن شاعرن شرڪت ڪئي. وقت جي کوٽ سبب، ڪانفرنس جا ٺھراءَ پيش نه ٿي سگھيا، تنھن ھوندي به ھندستان جي ليڊرن جڏھن سنڌي شعر ٻڌا ته تمام گھڻو داد ڏنائون. ڪانفرنس ٻه ڏينھن ھلي، جنھن ۾ ھنن شاعرن پنھنجا شعر پڙھيا، ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور ”فقير“، علي نواز جعفري ”نياز“، حاجي محمود ”خادم“، جمع خان ”غريب“، سيد محمد تقي شاھ، حافظ محمد ”احسن“، عطا محمد ”عطا“، قادر بخش، ”حقير“، مرزا منوچھر بيگ، مرزا ھمايون بيگ، مرزا مدد علي ”مدد“ ”ميرزا قربان علي ”قربان“، ميرزا امام علي بيگ ”علي“، مرزا احسن ڪربلائي، قاضي علي محمد، ”حافظ“ حيات شاھ، محمد ھاشم ”مخلص“، محمد بخش ”واصف“ ۽ ٻيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو